اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قو??ي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگا??ن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ زراعت تي قو??ي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندي ڪيو.