باڪو – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تنظيم سارڪ جي چيئرمين جي حيثيت سان ??يپال خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪند??. ه?? اها ڳالهه آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ اڻ لاڳاپيل ملڪن جي 18 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نيپال جي وزيراعظم خ??دگا پرشاد شرما سان ??لاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.