اسلام آباد – 05 مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ درپيش مسئلن تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت پهرين ڏينه?? کان ئي هنگامي بنيا??ن تي قدم کڻي رهي آهي، سنگين انتظامي ۽ مالي مسئلا ورثي ۾ مليا، بجلي ۽ گئس جي چوري ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، سال?? کان نااهلي ۽ ڪرپشن نظام جي بنيا??ن تي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، آئوٽ آف باڪس قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياستي ملڪيتي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي غرض سان کنيل قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.