ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن به ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، امن ۽ استحڪام کانسواءِ پاڪستا?? جي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايرا?? جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغا??ست??ن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ملڪ جي اقتصادي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ورثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي استحڪام لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنه?? جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي ??ي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو قدر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.