اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراع??م عمران خان سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي جو عزم ورجايو، ايمرجنسي ۽ زندگي کي درپيش خطرن جي سڃاڻپ صحت جي ماهرن کي ڪرڻي آهي، محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي س??ن عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي جيئن جو تئين عمل ڪندي، ڪو به فيصلو ڪنهن شخصيت جي خواهشن جي تابع نه ٿيندو، گذريل 72 سالن دوران ادارن کي ڪمزور ۽ تابع رکيو ويو، نواز شريف جي پليٽ ليٽس 20 هزار تائين اچي ويندا، هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ بهتري ايندي، صحت مند نواز شريف ئي اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي، هاڻي مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي بيماري جي آڙ ۾ حڪومت تي تنقيد بدران ڪو ٻيو ذريعو ڳولي، هو بيت المال جي ايم ڊي عون عباس ??پي س??ن گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.