بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي چين سان پاڪستان ?? سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي، چين جا ڪاروباري ادارا انفراسٽرڪچر، ماڊرن ايگريڪلچرل، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر، ارٽيفيشل انٽيليجنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز ?? سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چيني ڪاروباري سربراهن جي اجلاس ۽ بيجنگ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ شعبن ?? سيڙپڪاري جي حوالي سان ٻطرفي ڪامياب سيشن دوران ڳالهائيندي ڪيو. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن ۽ ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيني عملدارن سان ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته اي ڪامرس ۽ مختلف شعبن ?? سيڙپڪاري جا موقعا موجود آ??ن جن مان چيني ڪاروباري ادارا فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته انفراسٽرڪچر، ماڊرن ايگريڪلچر، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبن ?? سيڙپڪاري ٿيندي. آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز تي پڻ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڙيسري هجڻ جي ناطي چين مان پاڪستان ?? سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي. عبدالعليم خ??ن چيو ته اي ڪامرس پاڪستان ئي نه سڄي دنيا ۾ بزنس جو اصل مستقبل آهي. سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير ۽ بيجنگ جي 60 سالا پراڻي سي زيڊ جي هورائي گروپ جو گڏيل اجلاس پڻ ٿيو. گروپ چيئرمين ليو يافي، جنرل مئنيجر صوفيه لي، ڊيوي ڊانگ، چن وينلونگ ۽ شي جي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ واپاري حوالن سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽري اڪيڊميا ريسرچ ۽ ايسٽ مئنيجمينٽ تي ٻطرفي تعاون سان ڪم ٿيندو. سيڙپڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن ٽينگشن ڊونگها آئرن اسٽيل گروپ جي وفد سان پڻ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ۽ آئرن جي مختلف شعبن ?? سيڙپڪاري ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيئر ايڊوائزر ٽو ڊونگها ??روپ چيئرمين مس لوشو وفاقي وزير عبدالعليم کي انويسٽمينٽ معاملن تي بريفنگ ڏني.